اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود ق??يش?? چيو ته ??اڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ??ن??ي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير ڌشاهه محمود قريشي سان بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر