اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪ?? جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ان عرصي ۾ برآمدات ۾ 25 سيڪڙو، ٽيڪس روينيو ۾ 38 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني ٿي، صنعتي شعبي جو منافعو 950 ارب روپي?? جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو، حڪومت جي سمارڊ لا?? ڊائو?? جي پاليسي، تعميراتي صنعتي لاءِ مراعتون، سماجي تحفظ جي پروگرام، صنعتن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنه?? جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ب??ان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ميڪرو اڪنامڪ ايڊوائيزري گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، فواد چوڌري، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊ??ڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، عام ماڻهو تي ضروري شي?? جي قيمتن ۾ اضافي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ گذريل 3 سالن ۾ معاشي سطح تي حڪومتي ڪاميابين جو جامع جائزو پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته خطي جي ٻين ملڪ?? جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪوڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. حڪومت جي سمارٽ لا?? ڊائو?? جي پاليسين، تعيمراتي صنعت جي لاءِ مراعتن، سماجي تحفظ جي پروگرام، صنعتن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار?? جي لاءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنه?? جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي. هن چيو ته حڪومت جا ٽي سال معاشي ڪاميابي جي ڪهاڻي آهن، ڇو ته اسان کي تمام وڏو گردشي قرض?? برآمد مخالف پالييسيون، غير مستحڪم مالي حالتون، گهٽ چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول ۽ نجي شعبي جي لاءِ مراعت?? جي کوٽ جون پاليسيون ورثي ۾ مليون آهن، 2018ع ۾ پاڪستا?? جي تاريخ ۾ ادائيگي?? جي بدترين تواز?? جي بحران، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ڪري معاشي مشڪلاتن، عالمي منڊي ۾ جنس?? جي وڏين قيمتن ۽ افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي سڌو ۽ اڻ سڌو اثر?? جي باوجود، واڌ جي شرح به 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي، جيڪا هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جيڪو مالي بحران ورثي ۾ڇڏيو ان مان ڪاميابي سان نڪرڻ کانپوءِ معاشي استحڪام جا مضبوط قدم کنيا ويا جنه?? جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به سمورن علائقائي ملڪ?? جي مقابلي ۾ وڌيڪ معاشي ترقي ٿي. روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو، ٽيڪس روينيو 38 سيڪڙو اضافي کانپوءِ بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ به 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني (آبادگارن کي 1100 ملي?? جي اضافي آمدني جي منتقلي) صنعتي شعبي جو 950 بلين روپين جو رڪارڊ بلند منافعو، حڪومت جي آءِ ٽي پاليسي جي ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي، آءِ پي پيز سان ٽيرف جي ڪامياب مذاڪرات کانپوءِ ماهوار گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي، مٿي ڏنل کانسواءِ حڪومت احساس تهت سماجي تحفظ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪري فلاحي رياست جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو، اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪيو ۽ ايف اي ٽي ايف جي شرط?? جي ڪاميابي سان تعميل ڪئي جنهن اسان کي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ کان بچائي ورتو،
اجلاس ۾ شي?? جي بلند عالمي قيمت?? جي اثرن کي عام ماڻهن تائين منتقلي روڪڻ لاءِ تجويزون به پيش ڪيون ويون. تجويزن ۾ آمدني ۾ اضافو، ماڻه?? جي خريداري جي سگهه، وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي تي ڌ??ان ڏيندڙ سبسڊيز ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ توسيع شامل آهي، وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ حالت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ماڻه?? جي معاشي حالت ۾ بهتري لاءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارن منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻائين.