اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو ۽ سندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبو?? لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ??فا??ي وزيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، مملڪتي وزير فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس