فيصل آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب فيصل آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو دورو ڪيو جتي هن سي سي يو سمي?? مختلف وارڊن ۾ وڃي علاج هيٺ مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي فراهم ڪيل علاج ۽ ٻين سهولتن جي باري ۾ دريافت ڪيو، هن سي سي يو ۽ مختلف وارڊز ۾ داخل مريضن جي نظرداري ڪندڙن ۽ انهن جي پوئينرن سان به ڳ??له?? ٻولهه ڪئي جنهن علاج جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فرخ حبيب چيو ته صحت جي اعليٰ معيار جي سهولتن جي بنا فرق جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جڏهن ان ڏس ۾ هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي ٻين ڊويزنن وانگر فيصل آباد سميت ڊويزن جي چئني ضلعن جي هر گهراڻي کي به آهستي آهستي ڪارن جي سهولت ميسر اچي ويندي جنهن سان ڪنهن به پسند جي اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان 10 لک روپين تائين جو مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهبي. هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي دوائن جي فراهمي سميت ڪنهن به قسم جي ڪا به ڏکيائي ۽ پريشاني کي منه?? ڏيڻ نه گهرجي. مملڪ??ي وزير اسپتال ۾ ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر تي به ويو ۽ ا??ي ويڪسين لڳائيندڙ ماڻهن سان ڳ??له?? ٻولهه ڪئي. هن چيو ته شهرين پاران ڪورونا ايس او پيز تي ان جي روح موجب عمل نه ڪرڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي ڪيسن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تنهن ڪري شهري پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين، عزيزن، دوستن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري ڪورونا کان بچاءُ جي مفت حفاظ??ي ويڪسين لڳرائين. هن چيو ته ٽيهه سالن کان وڌيڪ عمر جي جن ماڻهن کي ٻيو ڊوز لڳي 6 مهينا گذري ويا آهن اهي احتياطي ۽ حفاظتي طور تي بوسٽر ڊوز به لڳائي سگهن ٿا. ان دوران اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد نديم اختر ۽ ٻين عملدارن کيس اسپتال جي مختلف معاملن ۽ علاج جي سهولتن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.
فرخ حبيب پاران فيصل آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب