اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪي??و ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئ??، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪر?? لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو انعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائ?? لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت ??هي. نوجوان نسل کي نظريه پاڪستان سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت ??هي. صدر نظريه پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي ه??ي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.
تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ