اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، رياستي ميڊيا کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان م??قعي تي اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽر نيوز شفيق قريشي مملڪتي وزير جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اي پي پي ڊيجيٽلائيزيشن جو پڻ افتتاح ڪيو. اطلاعات واري مملڪتي وزير اي پي پي ۾ تيار ٿيندڙ ڊيجيٽل اسٽوڊيو، اردو نيوز سروس سميت ٻين شعبن جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي ج?? مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن م??لڪتي وزير کي اي پي پي جي مختلف معاملن بابت بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير ان م??قعي تي ڳالهائيندي چيو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته رياستي ميڊيا کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.
اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال