اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي اهم اداري ج?? خلاف گذريل ڏينهن ??يڪو زهر اوڳاڇيو ويو حقيقت ۾ اها پاڪست??ن جي خلاف سازش آهي، جيڪڏهن ??ن جو رستو نه روڪيو ويو ته شام ۽ ليبيا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، گذريل حڪومت ۾ ملڪ جي مجموعي قرضن جي شرح ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکيو ويو، ڏينهن ??ات چور ۽ ڦورو جو راڳ آ??اپي قوم کي ورهايو ويو، جيڪڏهن ??ن جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ صورتحال بي قابو ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو، جن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ آهي اسان ??ن جو نوٽيس وٺنداسين. قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر نور عالم خان پاران خيبرپختونخواهه صوبي سميت ملڪ جي ڏورانهن ??لائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي ج?? صورتحال جي حوالي اعتراض واري نقطي تي وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه صوبي سميت ملڪ جي ڏورانهن ??لائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي چيو ته پهرين مئي کانپوءِ لوڊشيڊنگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي پر معزز ميمبر جي ڳالهه کي رد نه ڪندس. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته جڏهن ??سان ساڍا ٽي هفتا اڳ اقتدار سنڀاليو ۽ هڪ جهرلو ۽ ڌانڌلي ج?? پيداوار حڪومت کان آئيني طريقي س??ن جان ڇڏرائي. ماضي ج?? حڪومت تيل ۽ گئس وقت تي نه خريد ڪئي وئي، جڏهن ??نيا ۾ گئس 3 ڊالر في يونٽ هئي ان وقت نه گهرائي وئي ۽ مهانگو تيل خريد ڪيو. هن چيو ته سستي ترين گئس نه خريد ڪري ملڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته سال ۾ هڪ ڀيرو بجلي ج?? پلانٽس جي مرمت ٿيندي آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ اهو فيصلو ٿيو هو ته انهن پلانٽس جي مرمت سردين ۾ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي لوڊشيڊنگ کي منهن نه ڏيڻو پوي پر اڳوڻي حڪومت ان فيصلي ج?? پرواهه نه ڪئي. هن چيو ته اسان گئس جا ٽينڊر به طلب ڪري ورتا آهن. ملڪ کي ان وقت ساڍا 5 هزار ارب رپين جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو درپيش آهي. 2018ع کانپوءِ پاڪست??ن جي مجموعي قرضن ۾ 80 کان 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو پر ملڪ ۾ هڪ نئين سرهه تائين نه رکي وئي. وزيراعظم چيو ته قرضن جي بار سان ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکيو ويو ۽ قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته ڏينهن ??ات چور ۽ ڦورو جو راڳ آ??اپيو ويو جنهن ??ان قوم ۾ ورڇ ٿي چڪي آهي ۽ هر طرف اهو زهر پکڙجي ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ پاڪست??ن جي اڳوڻي سفير اهو چيو آهي ته مون اهو خط لکيو ته ڌمڪي آميز لفظ ضرور آهن پر سازش جو لفظ هن ??ستعمال ناهي ڪيو. هن چيو ته هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي قوت جي حوالي سان ڇا چيو اهو رڪارڊ جو حصو آهي. هن چيو ته اسان کي اڳ ۾ به ڌمڪيون ملنديون رهيون، ڌمڪين جي تاريخ تمام گهڻي ڊگهي آهي، ان ۾ سازش جو عنصر ڪٿان نڪتو آهي. عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ سراج الدوله ۽ مير جعفر جا نالا وٺي ادارن کي نشان بڻايو، ان کان ڪڌي حرڪت ڪا ٻي نه ٿي سگهي ٿي. هن ??داري ج?? خلاف زهر اوڳاڇيو اها پاڪست??ن جي خلاف سازش آهي. جيڪڏهن ??ن جو رستو نه روڪيو ويو ته شام ۽ ليبيا جي صورت پيدا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هي ملڪ قائداعظم جي تحريڪ ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته آئون بنا ڪنهن ??وف ۽ ترديد اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ان مقتدار اداري اڳوڻي حڪومت جي ڀرپور سپورٽ ڪئي پر ??ن جي باوجود اها بري طرح ناڪام ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ??ن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻي حڪومت کي اهڙي قسم جي سپورٽ حاصل ها ته ملڪ کي ترقي کي پَر لڳي وڃن ها. هن چيو ته جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي ان کي آئين 7 قانون جي دائري ۾ رهندي نه روڪيو ويو ته ڀونچال اچي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ??مهوريت جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو نظام اچي ويو ته اهو خطرناڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته ان سازش جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو. هن ??يوان کي يقين ڏياريو ته هو خيبرپختونخواهه ۽ ملڪ جي ڏورانهن ??لائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندو. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته وزيراعظم عيد کان اڳ اعلان ڪيو هو ته پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، وزيراعظم جي ان اعلان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته گيهه، کنڊ ۽ اٽو ڇو مهانگو ٿي رهيو آهي. غريب ماڻهو اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهن. حڪومت کي دليراڻا فيصلا ڪرڻا پوندا. جن ماڻهن لوڊشيڊنگ جي حوالي سان حڪم جي انحرافي ڪئي آهي انهن ??ي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
ملڪ جي اهم اداري جي خلاف گذريل ڏينهن جيڪو زهر اوڳاڇيو ويو حقيقت ۾ اها پاڪستان جي خلاف سازش آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی