گلگت – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدمن جي مذمت ل??ءِ اڄ جمعي ڏي??هن سڄي ملڪ وانگر گل??ت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. گل??ت بلتستان حڪومت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ مختلف تقريبن جو خصوصي اهتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي گل??ت بلتستان ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا ج??هن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندا ته پاڪستاني عوام خودمختياري جي حق ل??ءِ ا??هن جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فورسز جي ظلمن خلاف سدائين ا??هن سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ سيمينارز ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو آهي. واضح رهي ته مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي آئين جي شق 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو ج??هن تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا