اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن ??ي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هو??دي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب ايڪٽ تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊرامي، فلم يا ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هو??دي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن لينگويج ترجمان م??رر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هو??دو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر