لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان روس جي توانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو، روس ??ان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم روس ??ان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن ??ان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپا??، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي مع??ملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي توانائي وزير وزيراعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس ??ان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز ??ان لاڳاپيل مع??ملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي اٺين دور جي مع??ملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي مع??ملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص مع??ون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم سان روس جي توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد جي لاهور ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ