اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر اينڊريو ڊگ ليش ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سوشل ۽ آن لائين ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ دهشتگردي جي روين بابت مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن ڊيجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفن سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاع??ت واري وفاقي وزير شاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي تي وقتي هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي عوام کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برطانيا جو تازو دورو ۽ ڪنگ چارلس ٽي جي تاج پوشي ۾ شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل دوستي جو مظهر آهي. هن ??يو ته پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپ?? کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ فلم سازي ۽ ميڊيا ٽريننگ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاع??ت واري وفاقي وزير ??يو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ??يو ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم، گورننس ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ برطانوي ????وم?? جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن ??يو ته صحافي?? کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان موقعي تي برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي موجوده ح??وم?? جي معاشي پاليسين سميت اطلاعات جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيو. هن ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جا 7 درجا بهتر ٿيڻ تي خوش آئنده قرار ڏنو. اطلاع??ت واري وزير کي مبارڪباد ڏني. برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي اقتصادي بحرا?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ نيڪ خواهشن ۽ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر اينڊريو ڊگ ليش جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores