اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان شهيد (نشان حيدر) کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان شهيد پاڪستان جو اهو بهادر فرزند آهي جنهن جي جرئت، دليري ۽ شجاعت جو اعتراف پاڻ دش??ن ڪيو. 17 هزار فٽ جي بلندي تي ڪلتري واري جڳهه تي ملڪ جي دفاع جو حق مثالي فرض شناسي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي جان پاڪ زمين تي قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان پنهنجي نالي وانگر شير بڻجي دش??ن کي للڪاريو ۽ ملڪ جي سرحدن تان حملي آور دش??نن کي ما??ي ڀڄايو. ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان پنهنجي جانبازن سان گڏ دش??نن جي مقابلي ۾ انگ گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان جي سرحدن جو دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين ٿورائتي رهندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي. هن چيو ته 9 مئي تي ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان سميت ٻين شهيدن جي يادگارن ۽ مجسمن جي بي حرمتي ڪري ندامت جي ڪاري تاريخ لکي وئي، نوجوان نسل خاص طور تي پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين، بهادري ۽ انهن جي وطن سان لازوال محبت کان مڪمل آگاهي حاصل ڪري. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن سان دنيا خاص طور تي دش??نن کي اهو پيغام ويو ته اسان پنهنجي شهيدن جي عزت نه ٿا ڪر??ون?? جنهن شهيد ملڪ جو دفاع ڪندي جان قربان ڪري ڇڏي ان جي حرمت ۽ ناموس جي حفاظت سڄي قوم ڪندي ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيندي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل ??ير خان شهيد خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ آهي، الله تعاليٰ شه??د جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.
قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار