اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ا??ان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا ۾ ڪنهن کان گه?? ناهن، عورتن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگي ڏئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو. عورتن جي منشور جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اڄ عورت ڪاڪس جي تقريب ۾ موجود آهيان، عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ا??ان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا جي ڪنهن به عورت کان گه?? ناهن، مان عورت اسيمبلي ميمبرن کي تمام وڏي ذميداريءَ ??ان ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مرد عورتن کي معاشري ۾ اڳتي اچڻ ۾ رهنمائي ڪن. اسيمبلي ۾ صنفي امتياز کانسواءِ سڀ ميمبر برابر هوندا آهن صرف ۽ صرف معزز اسيمبلي ميمبر هوندا آهن. راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ آهيو ته اتي توهان کي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. عورتون فوري طور تي سڌيءَ ريت چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهن ته گهٻرائڻو ناهي، پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽيءَ ??ان پنهنجي وابستگي جاري رکي وڃي، جڏهن سياسي پارٽيون عورتن جي نمائندگيءَ تي سٺو سوچينديون آهن ته باقي پارٽيون به سوچينديون. بلوچستان ا??ان سڀني جو آهي ۽ ا??ان سڀ هڪ آهيون. ڪانفرنس ۾ ع??رتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ هاڪاري تجويزون پيش ڪيون ويون. ان تي عملدرآمد ??ان سٺا نتيجا ملندا. ان موقعي تي پارلياماني وومن ڪاڪس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده رحماني سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڪامياب ڪانفرنس منعقد ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ وومن ڪاڪس جي ڪردار کي ساراهيو.
عورتن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگي ڏئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات