اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ ??يئ??مين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ ??يئ??مين وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ ??يئ??مين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وا??و وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وا??و وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معا??ن عطا تارڙ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر