اسلام آباد ??? 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ د??يا تي زور ڏنو آهي ته اها ڪئناڊا جي سرزمين تي ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي اندر ۽ ٻاهر ا??لي??ي گروهن جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو ا??لي??ي گروهن جي خلاف عدم برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين ا??لي??ي برادرين جي خلاف دهشتگردي جاري رکي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ ا??لي??ن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي عبادتگاهن کي مسمار ڪرڻ تي د??يا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت کي غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چيو ته اهو هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪن جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ، فالس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خطي ۾ مشڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي پر افسوس جو د??يا خاموشي اختيار ڪري رکي آهي.
صدر پاران ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو