ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، نگران حڪومت ان شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن ما?? سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪو??يٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ ما??ي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳ??ي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن ??سئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڪو??يٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ما??رن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقا??ون ڪري تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪو??لٽي جي مسئلن ۽ ٻين تي ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي ما?? پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳ??ي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪو??لٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تعليمي ادارن ??اءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.
بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا