اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون. واپاري واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن واپار واري وزارت ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪيو. و??اق?? وزير جو استقبال و??اق?? سيڪريٽري واپار ڪئپٽن (ر) محمد خرم آغا ڪيو. و??اق?? سيڪريٽري طرفان افتتاهي بريفنگ دوران وزارت جي دائره ڪار ۽ مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته وزارت سيڙپڪاري ۽ مقامي ۽ غير مقامي سيڙپڪ??رن کي مڪمل طور تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. واپار واري وزير چيو ته واپار جو ڳاڻيٽو و??ائ?? سان گڏوگڏ کاڻين جي کوٽائي، لائيو اسٽاڪ ۽ـ ٽيڪسٽائل جهڙن اهم شعبن ۾ نواڻ آڻينداسين. هن چيو ته عالمي معيارن س??ن هم آهنگ ٿيڻ ۽ جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان کان علاوه روايتي واپاري نڪته نظر کي اڳتي و??ائ?? ۽ـ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ڄام ڪمال خان جو تعلق اين اي 257 لسٻيله سان آهي. هو بلوچستان جو وڏو وزير پڻ ??هي چڪو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون: وفاقي وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا