اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي اسان جو اثاثو آهي، ملڪي ترقي نوجوانن جي ڀلائي سان واڳيل آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? جي صدارت ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرا?? جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهي ۽ ملڪي ترقي انهن جي ڀلائي سان واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي سمورن تربيتي پروگرامز جو محور روزگار جي فراهمي هجڻ گهرجي. جاب مارڪيٽ جي تفصيلي سروي ڪرائي ان موجب ترجيحي شعبن ۾ اسڪل ٽريننگ ج?? شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي پي ايم يوٿ پروگرا?? جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم ??حت هيستائين 6 لک ليپ ٽاپس ڏنا ويا آهن. هن سال نوجوانن ۾ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپس ورهايا ويندا. گذريل ٽن سالن ۾ يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام ??حت تربيت حاصل ڪندڙن ۾ 64 سيڪڙو کي باعزت روزگار مليو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم نيشنل انوويشن ايوارڊ ??حت 100 اسٽارٽ اپس کي ف??ڊ ڪيو ويو آهي. جن سڄي ملڪ ۾ چونڊ انڪيوبيشن مرڪزن ۾ جڳهه ڏني پئي وڃي. پي ايم يوٿ سپورٽ ليگ ??حت 10 عالمي معيار جي اسپورٽ اڪيڊميز ۽ هڪ بائيو مڪينيڪل ليبارٽري ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر گرين يوٿ پروگرام ??حت نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کان بچاءُ ۽ ايڪو انوينشن جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان سڄي ملڪ جي 268 يونيورسٽين تي ڌيان ڏنو ويندو. نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي 2024ع جي تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو محور نوجوانن کي باعزت روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ورڪ فورس جي عورتن جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. پي ايم ڊيجيٽل حب جو هڪ ون ونڊو آپريشن ڊيش بورڊ هوندو، تيار ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وا??ي مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ايم يوٿ پروگرا?? جي چيئرمين راڻا مشهود، وزيراعظ?? جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا