اسلام آ??اد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهن. دشمن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون ل??ڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري 12 دهشتگردن کي جه??م ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قد?? کنيا ويندا. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. گهرو وزير چيو ته بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ موثر قد?? کنيا پيا وڃن. بلوچستان جي مختلف علائق?? ۾ ??ڪٻئي پٺيان دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سان گڏ سامهون آڻينداسين: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری