اسلام آباد-05 سيپٽمبر(??ي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت م??مب?? شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر م??مب?? سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي سينيٽرن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻنهي م??مب??ن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايوان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ايوان جي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو هو. وقفي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران سينيٽ چيئرمين سان حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي م??مب??ن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي سينيٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر پائين ته جيئن ايوان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ٻنهي م??مب??ن کي ڀاڪر پارايو. ان موقعي تي ٻين سينيٽرن پڻ ايوان ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي ??و اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها ئي روايت آهي ته اسان هڪٻئي سان ڀائيچاري سان رهون ۽ ان کان اڳ انهي م??مب??ن پاران هڪٻئي جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي. ان کان اڳ سينيٽر مسرور خان ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي م??مب??ن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي سٺي طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز م??مب?? کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئي جي باري ۾ فتوا جاري ڪري، قائدا ۽ قانون ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته انهن تي عمل ڪيو وڃي، اهو معاملو سينيٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرجي جيڪو هن ايوان جو ڪسٽيوڊين آهي. هو معاملي جي جاچ ڪري، مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.
سينٽ اجلاس، حڪومت ميمبر شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر ميمبر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ