اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي ب??نڪ (اي ڊي بي) پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ شديد موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪي معيشت سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي، تعليمي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي تي گهرا اث?? ڇڏيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي صدر مسرتسوگو اساڪاوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شريڪ هئا. صدر ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي صدر کي پاڪستا?? کي درپيش معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ملڪ کي تمام گهڻو معاشي نقصان پهچايو آهي. صد?? پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي تعاو?? کي ساراهيو. هن 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي صدر جا ٿورا مڃيا. ايشيائي ترقياتي ب??نڪ (اي ڊي بي) جي صدر مسرتسوگو اساڪاوا چيو ته پاڪستا?? کي موسمياتي تبديلي جا سنگين اثر درپيش آهن، خاص طور تي گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آهن. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي ب??نڪ ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستا?? کي ساليانو 2 ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪندي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ آبهوا کي منهن ڏيڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان ۾ معاشي ب??الي ۽ استحڪام جي تازن انگن اکر?? کي ساراهيو.
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa