اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سفيد لَڪڻ نُور کان محروم ماڻهن جي پاڻڀرو ۽ خود اعتمادي جي علامت آهي، سفيد لَڪڻ جو ڏينهن نُور کان محروم ماڻهن جي هر ممڪن مدد، همٿ افزائي ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. قومي اسيمبلي س??ڪر??ٽريٽ موجب سفيد لَڪڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسپيڪر نُور کان محروم ماڻهن جي همٿ ۽ استقامت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته نُور کان محروم ماڻهو اسان جي معاشري جو هڪ اهم حصو آهن، انهن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ ۽ همٿ افزائي اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. هن چيو ته نُور کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي کين معاشري جو ڪارآمد ۽ سرگرم شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن نُور کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ ۽ کين معاشرتي زندگيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ??رڻ جي قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن هو به هڪ باع??ت ۽ ڪامياب شهريءَ جي حيثيت سان زندگي گذاري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نُور کان محروم ماڻهن کي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا. هن چيو ته سفيد لَڪڻ جو عالمي ڏينهن ان عهد جو ڏينهن آهي ته اسان نُور کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻون. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اثرائتي قانونسازيءَ ذريعي خاص ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ??رڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻهن جي سهولت لاءِ پاڪستان جي آئين کي بريل لکڻيءَ ۾ جوڙيو آهي ۽ قومي اسيمبلي جي ويب ??ائيٽ کي نُور کان محروم ماڻهن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو. هن چيو ته قومي اسيمبلي س??ڪر??ٽريٽ جي بلڊنگ کي معذورن لاءِ پهچ جوڳو بڻايو ويو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي اسيمبلي نُور کان محروم ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ??ندي رهندي. هن نُور کان محروم ماڻهن کي خاص ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نُور کان محروم ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ??ري سگهجن ٿيون.
”سفيد لَڪڻ“ نُور کان محروم ماڻهن جي پاڻڀرو ۽ خود اعتمادي جي علامت آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں