اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي خاتون اول نصرت ڀٽو ج?? ورسي 23 آڪٽوبر تي ملھائي ويندي. نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع تي ايرا?? جي شھر اصفھان ۾ جنم ورتو. سندس شادي پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذولفقارعلي ڀٽو سان 1951ع ۾ ٿي ھئي. نصرت ڀٽو ج?? ٻارن ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شھيد، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، صنم ڀٽو ۽ مير شاهنواز ڀٽو شامل آھن. مادر جمھوريت نصرت ڀٽو ملڪ، عوام ۽ جمھوريت لاءِ قرباني?? جي ھڪ تاريخ رقم ڪئي، ھوءَ 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئي ۾ دنيا ما?? لاڏاڻو ڪري وئي. سندس ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي انتظام ھيٺ دعائ?? لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ کيس قومي ۽ سياسي خدمت?? جي اعتراف ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج