اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪ??دي يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ا??م ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪورس مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪورس ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين انداز سان وقف ڪندا. نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا گ??يڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.
موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن