لاهور-18 نومبر (اي پي پي) بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏين??ن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گردواره درٻا?? صاحب ڪرتارپور نارووال پهچي ويا. ان موقعي تي اوي??يو ٽرسٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور پهچڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گردواره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هرجيت سنگهه بپا ڳالهائيندي چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بندوبست تعريف لائق آهي. پاڪستان پُرامن ملڪ آهي، پاڪستاني سک قوم سان دلي محبت ڪن ٿا، حڪومت ۽ اوي??يو ٽرسٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورتن به انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اوي??يو ٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گردواره درٻا?? صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جتي اوي??يو ٽرسٽ بورڊ طرفان مختلف تقريبن جو بندوبست ??يو ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گردواره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور پهچندا.
بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا