اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ٻي قس?? جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو ??هي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مذهبي معاملن واري وزارت جي عملدارن حج پانڌيئڙن کي ??دا??ت ڪئي ته هو حج رهتن جي ٻي قس?? نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جم?? ڪرائين. حج رهتن جي ٻي قس?? 4 لک روپيا آهي جڏهن ته اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ٻي قس?? سان گڏ جم?? ڪرائڻا پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان پيڪيج تبديل ڪرائي سگهجي ٿو. 4 کان 6 ماڻهو فيملي روم، شيئرنگ روم يا سنگل م??ڻهن لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 روپيا جم?? ڪرائڻا پوندا. ترجمان چيو ??ه ڪامياب حج پانڌيئڙا رهتن جي ٻي قس?? 27 ڊسمبر تائين لازمي جم?? ڪرائين.
سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جو عمل شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ