بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي ??زيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آهي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيث??ت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪس??ان ”ون چائنا پاليسي“ سم??ت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪس??ان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر ??ئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪس??ان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر ??ئي جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻ?? رهيا آهن.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں