مري – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته مري ايڪسپريس وي جي مرمت جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، هر 15 ڪلوميٽر تي بهترين ??عي??ر جا ريسٽ ايرياز ٺاهيا وڃن، غيرقانوني اڏاوتن کي روڪيو وڃي، نيو مري ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ ??ي عالمي ??عي??ر موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل بڊنگ ڪرائي وڃي، تعميراتي منصوبن سان مري جي قدرتي حسن ۽ لينڊ اسڪيپ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. مري جي ??وري جي موقعي تي وزيراعظم کي اين ايڇ اي عملدارن بريفنگ ڏني. وزيراعظم مري ايڪسپريس ويس جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته هزاره موٽروي جي ??عي??ري ڪم کي نظر ۾ ر??ند?? مري ايڪسپريس وي جي مرمت ڪئي وڃي، اڳ م ئي تمام گهڻو پئسو ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي هڪ پئسو به ضايع ٿيڻ نه گهرجي ۽ هزاره موٽروي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪري ??عي??ري ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم ايڪسپريس وي تي جڳهه جڳهه غيرقانوني تعميرات روڪڻ 7 هر 15 ڪلوميٽر کانپوءِ مناسب جڳهه تي ??عي??ري ريسٽ ايرياز ۽ اسپاٽس بڻائن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سياحن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم مري جي لاءِ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ تعليمي سهولتون بهتر بڻائڻ جي پ?? هدايت ڪئي. هن چيو ته نيو مري جي ??عمير ان انداز ۾ ڪئي وڃي ته علائقي جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ جي ??هولت عالمي ??عي??ر موجب بڻائڻ جي لاءِ عالمي بڊنگ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پ?? موجود هئا.
مري ايڪسپريس وي جي مرمت جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش