اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ??يو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون، حڪومتي وقت سر قدمن سان جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلڊ رليف ??ين??ر اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وفاقي وزير ترڪيه وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿيون، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ برساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال ??ي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مش??ل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ٻوڏ واري صورتحال ??ان ترڪيه وفد کي آگاهه ڪندي احسن اقبال ??يو ته هن وقت پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت متاثرن جي آبادڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان موقعي تي ترڪي طرفان آبادڪاري ۽ غذائي جنسون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.
ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ متاثڙ ٿيا، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار