اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران ??ان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي، عمران ??ان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران ??ان جي ڪري اڄ اسڪولن ۽ اسپتالن جا رستا بند آهن، عمران ??ان جيڪو پيسو رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيرا??ُ تي خرچ ڪري رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي جيڪو پيسو باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته جيڪو پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ متاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمران ??ان جيڪو پيسو اسڪول ۽ اسپتال بند ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو پنجاب ۽ خيبرپختواهه ۾ اسڪول ۽ اسپتالن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو مقص?? ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙڻ آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ متاثرين جي امداد تي به سياست ڪئي، عمران نيازي چئن سالن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گيس، دوا کسي ۽ روزگار بند ڪيو ۽ اڄ روڊ بند ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بند ڪرڻ وارو اڄ مريضن جو رستو بند ڪري رهيو آهي.
زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن