ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن م??ار?? النهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شه??از شريف کيس پاڪستان ۾ توانائي، ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن م??ار?? النهيان سان ملاقات ڪئي. شيخ نهيان وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شيخ نهيان بن م??ار?? پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شه??از شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??نه??جي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شيخ نهيان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ??نه??جي ڪاروبار بابت سيڙپڪاري ۾ پاڪستان?? عوام تي اعتماد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توانائي، هوابازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا