اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روڊ سيفٽي بابت شعور ۽ آگاهي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قيمتي ??ان??ن کي بچائڻ جي لاءِ ٽريفڪ ??ان??نن تي عملدرآمد ضرور?? آهي، وڌندڙ آبادي ۽ گاڏين ۾ اضافي سبب قدرتي ماحول متاثر ٿي رهيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روڊ سيفٽي بابت پارليامينٽرينز جي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام انٽرنيشنل پارليامينٽرينز ڪانگريس (آءِ پي سي) يورپي يونين جي مالي مدد سان هلندڙ منصوبي مستحق پارليامينٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جي حصيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پارليامينٽرينز، سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، يورپي يونين جي نمائندن، غيرملڪي سفارتڪارن، ملڪي ۽ غيرملڪي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي آبادي جي لحاظ سان ٽرانسپورٽ جي ضرورت کي ڏسڻ گهرجي، روڊ سيفٽي جي حوالي سان تجويزن جي آجيان ڪنداسين. ڊاڪٽر عارف علوي ??ان??نسازن تي زور ڏنو ته اهي روڊ سيفٽي جي جامع پروگرامن کي قومي منصوبابندي ۾ شامل ڪن. هن روڊ سيفٽي تي موثر ??ان??نسازي ڪرڻ ۾ پارليامينٽرينز جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ڪميونٽيز کي بهتر لاڳو ڪرڻ بابت آگاهي ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته روڊن تي ٽريفڪ جي ماپي ۾ اضافي کانپوءِ قيمتي ??ان??ن کي بچائڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائڻ جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئ?? آهي. هن روڊ استعمال ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي ٽريفڪ حادثن کان بچڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي چوڪس رهن. صدر گاڏي هلائيندڙن کي نظم ۽ ضبط خاص طور تي سيٽ بيلٽ جي استعمال ۽ موٽرسائيڪل سوارن جي لاءِ هيلمٽ پائڻ تي به زور ڏنو. هن چيو ته ٽريفڪ حادثن ۾ فوتگيون خاندانن جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ هونديون آهن. هن چيو ته نگراني ڪندڙ ڪئميرائن جي ذريعي ٽريفڪ ??ان??نن تي عملدرآمد روڊ محفوظ بنيادي ڍانچي ٽريفڪ جي آساني سان سمجهڻ وارين تصويرن ۽ گاڏين جي مناسب جانچ سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته روڊ تي گاڏي هلائڻ کان اڳ سيفٽي جو خيال رکڻ گهرج??. م??ٽرسائيڪل هلائيندڙ هيلمٽ جو استعمال ضرور ڪن، روڊ حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ??ان??نن تي عملدرآمد به لازم?? آهي. ان جي نتيجي ۾ روڊ حادثن ?? انساني ??ان??ن جي زيان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي روڊ سيفٽي ڪانفرنس فار پارليامينٽرينز جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪانفرنس سان ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي وڌڻ ۾ مدد ملندي. دونهين وارين گاڏين کي روڪڻ تمام ضرور?? آهي. صدر چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا ۽ گلوبل وارمنگ درپيش رهيا آهن.
قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل