اسلام آباد – 25 – اپ??يل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 پاڪستانين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پاڪستانين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي ويو آهي. هن ??يو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير مير بهروز ريگي جي ٽي?? سوڊان ۾ موجود پاڪستانين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن ??يو ته پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خطي جي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي ۾ اسان جي مشنز جي محنت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي پوري ٽي?? جو ٿورائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪوآرڊينيشن جي عمل جي قيادت ڪري ر??يو آهي.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ