اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) کي حڪم جاري ڪيو آهي ته اها خانگي اسڪولن جي سالياني رجسٽريشن لاءِ 10 سيڪڙو نيڊ ??يس?? اسڪالر??پس لازمي بڻائي. وفاقي وزير ۽ پيرا جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سيده ضياء بتول وچ ۾ ن ملاقات ٿي. وفاقي وزير جي حڪم تحت وفاق ۾ 10 سيڪڙو نيڊ ??يس?? اسڪالرشپس ??مورن خانگين اسڪولن جي رجسٽريشن جو لازمي حصو بڻائي وڃي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) کي حڪم ڏنو آهي ته 10 سيڪڙو نيڊ ??يس?? اسڪالرشپس ??مورن خانگي اسڪولن کي ڏيڻ گهرجن. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ويو ته ان آرڊر تي عملدرآمد ٿي چڪ آهي، هاڻ هر سال پيرا کان رجسٽريشن ڪرائيندڙن لاءِ خانگي اسڪولن تي لازم هوندو ته اهي 10 سيڪڙو شاگردن کي نيڊ ??يس?? اسڪالر??پس ڏين. مدد علي سنڌي چيو ته اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته هر طبقي کي گڏ کڻي هلون. هن چيو ته ه?? ٻار جي تعليم اسان جي ذميواري آهي، جنهن کي اسان پوري ايمانداريءَ سان پورو ڪنداسين. اسلام آباد ۾ 1400 خانگي اسڪول آهن جيڪي ان تي عمل ڪندا.
پيرا نجي اسڪولن جي سالياني رجسٽريشن لاءِ 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس تي عملدرآمد کي لازمي بڻائي: تعليم وارو نگران وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری