اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪ??ڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، گ??ادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گوادر بندرگاهه جي ترقي جي ل??ءِ اهميت ??کي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال بڻائڻ جي ل??ءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گوادر بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪ??ڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، گ??ادر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بندرگاهه جي ترقي جي ل??ءِ اهميت ??کي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني وڃي، گ??ادر ۾ مُهاڻن کي ج??يد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موجب مڇيءَ جهلڻ جي طريقيڪار جي ل??ءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، گ??ادر تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وفد نگران وزيراعظم کي شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وفد نگران وزيراعظم کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفد حڪومت جي مُهاڻن کي روزگار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل ل??ءِ قدمن کي ساراهيو.
گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری