اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد اڄ جي ساستدانن جي لاءِ مثال آهي، قائداعظم قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، قائداعظم قانونن جي اندر رهندي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪئي، ڪنهن قانون ۾ تبديلي جو رستو رڳو پرامن سياسي جدوجهد ۾ موجود آهي، اسان کي ملڪ جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گه????ي، آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀ??ي جي لاءِ بهتر هوندو. ”اي آر وائي“ نيوز چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو، ان وقت انگريز دور ۾ نئون آبادياتي قانون هو، قائداعظم ان دور جي قانونن جي اندر رهندي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪئي، قائداعظم جي جدوجهد اڄ جي سياستدانن جي لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ڪنهن قانون تي اختلاف ته ٿي سگهي ٿو پر ان ۾ تبديلي جو رستو رڳو پرامن سياسي جدوجهد ۾ موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اميدوارن کان نا??زدگي ڪاغذ کسڻ جي واقعن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورت?? آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ انٽرنل ڪميونيڪشن معمول جو حص?? آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عهدي تان هٽائڻو هجي ته ان جي لاءِ قانوني پراسيس موجود آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادار?? آهي، جيڪڏهن ڪٿي بي ضابطگي ٿي ته اليڪشن ڪميشن ايڪشن کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن تي اعتماد ڪرڻ گه????ي، اسان کي ملڪ جي اصل مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گه????ي، اسان جو ملڪ هڪ آهي، ملڪ جي بهتري جي لاءِ اسان سڀ??ي کي گڏجي پنهنجو حصو وجهڻ گه??جي. هن چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، جيترو جلد اسان ان طرف وينداسين اهو سڀ??ي جي لاءِ بهتر هوندو.
قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد اڄ جي ساستدانن جي لاءِ مثال آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ