اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، ??شريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل پريس بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??گر??ن پرڏيهي جليل عباس جيلاني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير چيو ته سفارتي تاريخ ۾ تيزي سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏانهن وڃي ٿو، ??گر??ن پرڏيهي وزير وڏي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري وزارت جي پريس ريليز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپسي تي اتفاق ٿيو آهي. بيان موجب ??گر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.
نگران پرڏيهي جليل عباس جيلاني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار