اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن نجي انشورنس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪلي??ز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن جي خلاف آدم ج?? لائيف انشورنس ۽ ايف ايف يو لائيف انشورنس ڪمپني جي داخل ڪيل ٻه اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب زاهده نسرين جي فو??ي ڀيڻ 2021ع ۾ آدم ج?? لائيف انشورنس ڪمپني کان 30 لک جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي، 2022ع ۾ ڀيڻ ج?? لاڏاڻي کانپوءِ عورت ڪمپني کان ڊيٿ انشورنس ڪليم جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڪمپني بي??ه پاليسي حاصل ڪرڻ وقت گردي ۽ جگر جي بي??اري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ميمونه نعيم جي گهرواري اي ايف يو لائيف انشورنس کان 2015ع ۾ 460000 رپين جي انشورنس پاليسي حاصل ڪئي هئي. مڙس ج?? لاڏاڻي تي عورت انشورنس ڪليم جي دعويٰ داخل ڪئي جنهن کي ڪمپني رد ڪري ڇڏيو. ڪمپني فوتي پاران پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هائي بلڊ پريشر جي بي??اري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو. شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ وفاقي محتسب کي جدا جدا شڪايتون داخل ڪرايون. وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا. وفاقي محتسب لاڳاپيل انشورنس ڪمپنين ک?? لاڳاپيل وارثن کي ڪلي??ز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ ڪمپنين محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. صدر ڪيسز جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ ۽ ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٻئي ڪمپنيون انشورنس کان اڳ جي بي??ارين جي حوالي سان ڪو ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، انشورنس کان اڳ جي بي??ارين کي ثابت ڪرڻ جي ذميوار?? لاڳاپيل ڪمپنين ت?? لاڳو ٿئي ٿي. صدر چيو ته انشورنس ڪليمز جي ترديد ج?? لاءِ بي??ارين کي ثابت ڪرڻ ج?? لاءِ ناقابل ترديد ثبوت جي ضرورت هوندي آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته ذيابيطس ۽ هائي بلڊ پريشر جهڙين بي??ارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، اهڙين بي??ارين ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن کي برقرار رکند?? لاڳاپيل ڪمپنين کي فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي ڊيٿ انشورنس ڪلي??ز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
صدر پاران ٻن نجي انشورنس ڪمپنين کي ٻن فوتي پاليسي هولڊرز جي وارثن کي 34 لک 60 هزار رپين جا ڊيٿ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار