اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي مع??مل?? کي اڪلائيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي مع??مل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”سرڪاري ملڪيت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او ايس او ايز)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين (ايس او ايز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪر??، ايس او ايز جي بورڊز ۾ مقررين بابت مع??مل??، ايس او ايز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏي??، ايس او ايز جي مالي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺ??، ايس او ايز جي لاءِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز جي تجويز ۽ ڪابينا کي سفارش ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين کي ڪنهن به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هدايت جاري ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ ايس او ايز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنهن به ٻئي لاڳاپيل مع??مل?? جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ سامونڊي مع??مل?? وارو وفاقي وزير، اقتصادي مع??مل?? وارو وفاقي وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ميمبر هوندو.
وزيراعظم پاران سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر