اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن، ملڪ مان تماڪ جي واهپ?? جي مڪمل خاتم?? جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال کي گهٽ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تماڪ جي واهپ?? جي خاتم?? جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تماڪ جي واهپ?? جي خاتمي جو عالمي ڏينهن اسان سڀن?? جي لاءِ عوامي صحت تي تماڪ جي واهپ?? جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن بابت هڪ ياد ڏياري ٿو، تماڪ جي واهپ?? جي خاتم?? جي عالمي ڏينهن جي هن سال جو موضوع ”تماڪ جي صنعت جي اثرن کان ٻارن جو تحفظ“ آه?? جيڪو تماڪ واپرائڻ ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي اسان جي ايندڙ نسلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته تماڪ واپرائڻ نه رڳو انهن انهن ماڻهن جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿ?? جيڪي ان کي استعمال ڪن ٿا پر اهو تماڪ واپرائيندڙن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جي صحت جي لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي انهن 15 ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو تماڪ واپرائڻ کان متاثر آهن ۽ تماڪ واپرائڻ جي ڪري ڪينسر، دل جي مرضن، ذيابيطس ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن جن ۾ سگ??يٽ جي دٻين تي تماڪ واپرائڻ جي صحت تي مضر اثرن بابت وارننگز لڳائڻ، کليل سگ??يٽن جي وڪري تي پابندي، پوائنٽ آف سيل تي سگ??يٽ جي اشتهارن تي پابندي ۽ تماڪ تي ٽيڪس ۾ اضافو شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان مان تماڪ واپرائڻ جي مڪمل خاتم?? جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال ٻنهي کي گهٽ ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان تماڪ جي استعمال جي حوصلا شڪن?? جي لاءِ سگ??يٽ تي اسان ٽيڪس کي 150 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ اهو ته تماڪ ۽ سگ??يٽ جي هر قسم جي تشهير بشمول قومي ٽي وي، ريڊيو، پرنٽ ميڊيا، بل بورڊز، پوائنٽ آف سيل ايڊورٽائيزنگ ممنوع آهي، سگ??يٽ ڪمپنين جي اسپانسرشپ ۽ اهڙي طرح جي اسپانسرشپ جي تشهير تي پڻ پابنديون هنيون آهن. هن چيو ته آئون سول سوسائٽي، پيشيواراڻي تنظيمن، غير??رڪ??ري تنظيمن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي اسان جي معاشري مان ان لعنت جي خاتم?? جي لاءِ اسان جي قومي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، تماڪ واپرائڻ کي رد ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ”سگريٽ ڇڪڻ کي نه“ چوڻ جو عزم ڪريون ۽ تماڪ کان پاڪ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.
حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری