اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪست??ن فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ ??لس??يني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته ??لس??يني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ ??لس??يني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اس??ن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي ??لس??ين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد ??لس??يني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا