اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته پا??ست??ني نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن ڇاڪاڻ ته اهي مستقبل جا خواب ڏسڻ وارا ليڊر آهن، اسان جو فرض آهي ته اسان کين پنهنجون صلاحيتون نکارڻ ۽ هڪ خوشحال پرامن ترقي پسند پا??ست??ن جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪيون. وزيراعظم ج?? يوٿ پروگرام نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم ج?? ثبوت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان نوجوانن جي عالمي ڏينهن 12 آگسٽ 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر اسلامي جمهوريه پا??ست??ن آصف علي زرداري چيو آهي، ته مان نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پا??ست??ن جي متحرڪ نوجوانن کي دلي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. نوجوان اسان جو مستقبل آهن، اڄ اسان نه رڳو نوجوان نسل جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيون ٿا، پر ملڪي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي به ساراهيون ٿا. صدر چيو ته پا??ست??ني نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن ڇاڪاڻ ته اهي مستقبل جا خواب ڏسندڙ ليڊر آهن. هي اسان جو فرض آهي ته اسان کين پنهنجون صلاحيتون نکارڻ ۽ هڪ خوشحال پرامن ۽ ترقي پسند پا??ست??ن جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪيون. هن چيو ته يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم ج??ڙن قدمن ذريعي سڄي ملڪ ۾ 6 لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني بڻائي رهيا آهيون ته اسان شاگرد ڊجيٽل دنيا مان ڪاميابي لاءِ ليس آهيون. هن چيو ته يوٿ بزنس لون پروگرام تحت 186 ارب روپيا ورهائڻ سان ڪاروباري ماڻهن ۾ هڪ نئين نسل اڳتي آئي آهي جيڪا نه صرف نوڪريون پيدا ڪري رهي آهي، پر معاشي ترقي کي به اڳتي وڌائي رهي آهي. ٻئي طرف يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت 4 لک 50 هزار نوجوانن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ لاءِ تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. صدر مملڪت چيو ته نوجوانن کي اسپورٽس ٽيلنٽ هنٽ ۽ گرين يوٿ ??وو??ينٽ ذريعي فعال ڪرڻ سان نه صرف جسماني تندرستي کي هٿي ملي رهي آهي پر ماحول طرف جانبداري جو احساس پڻ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته صدر طور مون کي پنهنجي نوجوانن جي ڪاميابين تي فخر آهي انهن جي توانائي، تخليقي صلاحيتون ۽ استق??ال اسان جي قوم ج?? ڪاميابي جا سبب آهن. هن چيو ته مان هر پا??ست??ني نوجوان کي درخواست ڪيان ٿو ته اهي پنهنجي لاءِ دستياب موقعن مان فائدو کڻن ۽ وڏا خواب ڏسن ۽ پنهنجي ملڪ جي بهتري لاءِ اڻٿڪ محنت ڪن. اچو گڏجي پنهنجي نوجوانن جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه ۾ مدد ڪيون. ڇاڪاڻ ته پا??ست??ن جو مستقبل انهن جي ڪاميابي تي ٻڌل آهي.
نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، کين پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪ خوشحال پرامن ترقي پسند پاڪستان جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha