اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کا??ي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ا??وان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انهن ا??رياز ۾ اگهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوبائي انتظاميه جو آهي، وزارت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪ??گ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چيو ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن ا??هن ا??رياز ۾ معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن ??لاف ڪارروائي ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته انهن ا??رياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي انتظاميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چيو ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔