اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ تربيلا ڊيم جي تعمير کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي 50 روپين جي ماليت جي يادگار ٽ??يٽ جاري ڪئي آهي. يادگار ٽپال ٽِڪلي جي افتتاح واري تقريب واپڊا ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن جو خاص مھمان واپڊا چيئرمين ان??ينئر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ھو. پاڪستان پوسٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل (آپريشن) رضوان جاويد ھاشمي يادگار ٽپال ٽِڪلي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن يادگار ٽپال ٽِڪلي جاري ڪرڻ تي پاڪستان پوسٽ جا ٿورا مڃيا. ھن چيو ته تربيلا ڊيم پاڪستان جي ان??ينئرنگ جي صلاحيتن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي عزم جو سٺو ثبوت آھي. يادگار ٽپال ٽِڪلي ان شاندار منصوبي لاءِ ھڪ مناسب خراج تحسين آھي. اھا ڳالھه اھم آھي ته تربيلا ڊيم جيڪو 1974ع ۾ مڪمل ٿيو ھو 50 سالن کان پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ سماجي ترقي لاءِ اھم ??رد??ر ادا ڪري رھيو آھي.
تربيلا ڊيم جي تعمير جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان پوسٽ پاران يادگار ٽپال ٽِڪلي جاري
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena