واشنگٽن -17 آڪٽوبر (اي پي پي ) برطانيا جي خابرو اداري رائٽرز آمريڪا ۾ڪرائيل سروي جي رپورٽ ۾ٻڌايو ته آمريڪا جي اڪثريت ريپبلڪن ۽ڊيموڪريٽڪ ٻنهي جماعتن سان آهي چاهي ٿي ته امريڪا غزه ۾ فلسطيني شهرين کي ٿيندڙ نقصان کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ۽ اسرائيل پاران حماس خلاف ڇيڙيل جنگ ختم ڪئي وڃي ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ سروي موجب 78 سيڪڙو شرڪت ڪنڊرن جو 94 سيڪڙو ڊيمو ڪريٽڪس ۽ 71 سيڪڙو ريپبلڪن شامل آهن ان بيان سان اتفاق ڪيو ته آمريڪي سفارت ڪارن کي فعال طور تي هڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ ??پي جنهن ۾ شهرين کي غزه ۾ ويڙهه ڇڏي ٻئي ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي 22 سيڪڙو ماڻهون ان رائي سان اتفاق ڪيو . سروي موجب تڪرار ۾ اسرائيل جي موقف لاءِ آمريڪي شهين جي حمايت 2014 جي رائي شماري جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئ نئين رائي شماري ۾ 81 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن ان بيان سان اتفاق ڪيو ته اسرائيل کي حماس خلاف پنهنجي انتقامي حملن ۾ شهرين کي مارڻ ??ان پاسو ڪرڻ ??پي 19 سيڪڙو ان بيان سان اختلاف ڪيو 41 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن چيو ته هو ان بيان سان متفق آهين ته حماس سان تڪرار ۾ آمريڪا کي اسرائيل سان ساٿ ڏيڻ کپي ۽ 2 سيڪڙو چيو ته آمريڪا کي فلسطينين جي حمايت ڪرڻ ??پي 2014 جي تڪرار دوران سروي دوران 22 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن چيو ته آمريڪا کي اسرائيلي موقف جي حمايت ڪرڻ ??پي 2 سيڪڙو فلسطيني موقف جي حمايت ڪئي هئي سروي ۾ اسرائيل جي موقف لاءِ ريپبلڪنز جي حمايت 54 سيڪڙو رهي، اسرائيلي پوزيشن لاءِ ڊيمو ڪيٽس جي حمايت 37 سيڪڙو رهي. 27 سيڪڙو چيو ته آمريڪا کي هڪ غير جابدار ثا??ث هجڻ کپي 21 سيڪڙو چيو ته آمريڪا کي بلڪل مداخلت نه ڪرڻ ??پي 40 سالن کان گهٽ عمر جي 40 سيڪڙو جواب ڏيندڙ چيو ته آمريڪا کي هڪ غير جانبدار ثا??ث هجڻ کپي سروي ۾ 1003 ماڻهن حصو ورتو .
رائٽرز سروي ، اسرائيل غزه ۾عام شهرين کي مارڻ کان پاسو ڪن ،81 سيڪڙو آمريڪين جي خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری