غزه -28 نومبر (اي پي پي) قطر چيو آهي، ته ڌرين ۾ غزه ۾ چئن ڏ??نهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏ??نهن جي واڌ تي ??تفاق ڪيو آهي. اها واڌ ڌرين وچ ۾ جمعي تي ??ئي ٿيل معاهدي تحت آخري 11 اسرائيلن جي آزادي بعد ڪئي وئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي اختيارين ٻڌايو آهي ته آزاد ٿيلن ۾ 3 سالن جا جاڙا ٻار ۽ سندن والده کان علاوه وڌيڪ 6 ٻار ۽ هڪ عورت ۽ سندس ٻار شامل آهن. قطر چيو آهي، ته آزادي ماڻيندڙن ۾ فرانس، جرمني ۽ ارجنٽائين جي شهريت رکندڙ ماڻهو به شامل آهن. قيدين جي آمد جي تصديق ٿيڻ بعد اسرائيل جي جيل اٿارٽي چيو آهي، ته 33 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري ايڪس تي ??اري بيان ۾ چيو آهي، ته ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي دوران غزه ۾ وڌيڪ ٻن ڏ??نهن لاءِ انساني همدردي تحت جنگ بندي جو مدو وڌائڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وائيٽ هائوس ??ي قومي سلامتي ??ي ترجمان جان ڪربي صحافين کي ٻڌايو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته يقينن اسان اميد ڪيون ٿا ته ان وقفي کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ان جو دارو مدار غزه مان يرغ??ال??ن کي آزاد ڪرڻ تي هوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان قدم کي جنگ جي اونداهين وچ ۾ اميد ۽ انسانيت جي هڪ جهلڪ قرار ڏنو آهي. جرمني جي پرڏيهي ??زي?? يرغ??ال??ن جي آزاد جي آجيان ڪئي جنهن ۾ ٻه جرمن نوجوان به شامل آهن.
غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری