ڊيوس-19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجد عان چيو آه?? ته پيٽرول تي ملڪي معيشت جو دارومدار 35 سيڪڙو رهجي ويو آه??. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوس جي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ سعودي ناڻي واري وزير خصوصي مباحثي دوران چيو ته قومي خزانو گهٽ کان گهٽ خساري ۽ وڌ کان وڌ موثر انداز ۾ استعمال ڪي?? پيو وڃي. هن چيو ته تيل تي قومي معيشت جو دارومدار پهرين 70 سيڪڙو تائين هو هاڻي صرف 35 سيڪڙو رهجي ويو آه??، هن جو چوڻ هو ته تيل کانسواءِ قومي پيداوار ۾ 65 سيڪڙو تائين اض??فو ٿيو آه??، ان لاءِ اقتصادي جهٽڪن باوجود سعودي معيشت جي حوالي سان اسان جون اميدون مثبت آه??. ناڻي واري وزير چيو ته سعودي معيشت جهٽڪن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اقتصادي سڌارا جاري رکڻ جي حوالي سان پرعزم آه??، هن چيو ته دنيا جي طاقتور سعودي عرب جي ضرورت آه?? ۽ اسان اهو هدف حاصل ڪرڻ جو پختو عزم رکون ٿا. هن چيو ته سعودي عرب جيڪڏهن طاقتور نه هوندو ته گهربل شڪل ۾ خطي جي مدد نه ڪري سگهندو. هن جو چوڻ هو ته جاگرافيائي ۽ سياسي خطرن ۽ موسمياتي تبديلي معيشت تي اثرانداز ٿي رهي آه??، تنهن هوندي به هو عالمي جهٽڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ اقتصادي وسيلن ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي واضح پاليسي تي گامزن آه??، هن چيو ته گذريل سال اسان روزاني تقريبن 11 ملين بيرل تيل ڪڍيو ۽ ان جي اگهن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، هي اسان جي لچڪدار رويي ۽ صلاحيت جي عڪاسي آه??. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر گذريل 7 سالن دوران روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا، 2023ع دوران 8 لک کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن کي روزگار فراهم ڪي?? ويو. هن جو چوڻ هو ته عورتن جي شرڪت سان معيشت وڌي ويجهي رهي آه??، ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن جو حصو تقريبن 36 سيڪڙو ٿي ويو آه?? جيڪو سعودي ويزن جي مقرر ڪي?? هدفن کان وڌيڪ آه??.
پيٽرول تي سعودي معيشت جو ڀاڙڻ 35 سيڪڙو رهجي ويو آهي: ناڻي وارو وزير محمد الجد عان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ