سيئول-11 ڊس??بر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ??وليس جي خاص جاچ ٽيم يونٽ چيو آهي ته هن صدر يون سوڪ يول جي آفيس تي ڇاپو هنيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي صدر يون سوڪ يول ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو هو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران مخالفت جي ڪجهه ڪلاڪن اندر مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پوليس موجب خاص جاچ ٽيم صدارتي آفيس، نيشنل پوليس ايجنسي، سيئول ميٽرو پوليٽن پوليس ايجنسي ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪيورٽي سروس جي آفيس تي ڇاپو هنيو. مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ صدر يون سوڪ يول تي اڳ ئي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. پوليس گذريل ڏينهن اختيارن جي غلط استعمال جي الزام ۾ اڳوڻي دفا?? واري وزير ڪم يونگ هيون کي گرفتار ڪيو هو. خابرو اداري موجب ڪم يونگ هيون گرفتار جي ڪجهه ڪلاڪن کا?? اڳ آپگهات جي ڪوشش ڪئي. سيئول سينٽرل ڊس??رڪٽ ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته دفا?? واري وزير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جو خدشو هو ته ثبوتن کي ضايع ڪري سگهي پيو. دفا?? واري وزير پنهجي وڪيل ذريعي چيو آهي ته سموري صورتحال جي ذميوراي صرف ان تي آهي ۽ ماتحت ملازم سندس حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهيا ??ئا. گرفتار ڪيل دفا?? واري وزير، مارشل لا آپريشن جي انچارج ۽ اڳوڻي گهرو وزير تي پڻ سفري پابندي لڳائي وئي آهي. ڪورين نيشنل پوليس ايجنسي جي ڪمشنر جنرل ۽ سيئول ميٽرو پوليٽين پوليس ايجنسي جي سربراهه کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ ڪورين صدر جي آفيس تي پوليس جو ڇاپو، دفاع واري اڳوڻي وزير پاران آپگهات جي ڪوشش
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب