اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ هر موڙ تي يوٽرن ورتو ۽ موقف بدلايو، سندس موقف بدنيتي، ڪوڙ، ۽ الزام تي آهي جنهن کي هو هر وقت بدلائيندا رهن ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قوم اسان جي مخالف پي ٽي آءِ اي جو رڪارڊ ڏسي ته هرموقف تي يوٽرن، هر هفتي موقف تبديل ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام هڻڻ ان جي لاءِ آسان آهي ڇو ته سندن موقف ڪ??زو?? هو جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جو شروع کان هڪ ئي موقف هو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺ??ي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، اڄ سندن چوڻ آ??ي ته جيڪڏهن ڪميشن ٺ??ي ته بائيڪاٽ ڪنداسين. هن چيو ته ڪميشن ٺاهڻ جو موقف پي ٽي آءِ پاڻ سپريم ڪورٽ کڻي وئي ۽ چيو هو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺ??ي ته اسان لاڪ ڊائون ۽ ڌرڻو هڻنداسين ۽ اڄ اها ئي پي ٽي آءِ چئي رهي آ??ي ته ڪميشن ٺ??ي ته اسان بائيڪاٽ ڪنداسين اهو ڪهڙي قسم جو قوم س??ن مذاق آهي.
مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين سچائي تي ٻڌل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری