سان يا – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??وا??ي جمهوريه چين جي صدر شي جن پ??گ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سميت پولٽ بيورو جا سينيئر ميمبر پڻ مو??ود هئا جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي معاونت پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. وزيراعظم صدر شي کي ??وا??ي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ سال دوران انهن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. وزيراعظم ترقي جي لاءِ ايشيا کي وڌيڪ اوپن بڻائڻ جي صدر شي جي عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil